ڪعبي تي غلاف ان ڪري آهي ته جيئن خبر پوي ته هي عام گهر ناهي الله جو گهر آهي. قرآن تي غلاف ان ڪري آهي ته جيئن خبر پوي ته هي عام ڪتاب ناهي الله جو ڪتاب آهي
اهڙي طرح مسلم عورت تي پردي جو حڪم ان ڪري آهي ته جئين خبر پوي ته هيءَ عام عورت ناهي مسلم عورت اهي
پنهنجي نظرن کي پڻ جهڪائي هلو ته جيئن خبر پوي ته هي عام ماڻهو ناهي ، حضرت محمد مصطفا جو امتي آهي
هڪ ڏينهن حضرت موسي عليه اسلام ، الله تعالي کي عرض ڪيو ته آئون توهان جي رحمت ۽ انسان جا گناه ڏسڻ چاهيان ٿو . الله تعالي فرمايو ته پوئتي ڏسو توهان جي پويان جيڪو سمنڊ آهي ان ۾ جيڪو وڻ آهي ان تي هڪ جهرڪي ويٺي آهي سندس چنهنب جي جيڪا مٽي آهي اهي انسان جا گناه آهن ، جهرڪي انسان آهي ، وڻ دنيا آهي ۽ سمنڊ منهنجي رحمت ، هاڻي جيڪڏهيجهرڪي جي وات مان مٽي ڪري ته منهنجي رحمت جي سمنڊ تي ڪوبه فرق ڪون پوندو